مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

بيواه جي عدت

وَ الَّذِیۡنَ یُتَوَفَّوۡنَ مِنۡکُمۡ وَ یَذَرُوۡنَ اَزۡوَاجًا یَّتَرَبَّصۡنَ بِاَنۡفُسِہِنَّ اَرۡبَعَۃَ اَشۡہُرٍ وَّ عَشۡرًا ۚ فَاِذَا بَلَغۡنَ اَجَلَہُنَّ فَلَا جُنَاحَ عَلَیۡکُمۡ فِیۡمَا فَعَلۡنَ فِیۡۤ اَنۡفُسِہِنَّ بِالۡمَعۡرُوۡفِ ؕ وَ اللّٰہُ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ خَبِیۡرٌ ﴿۲۳۴﴾ (البقره: ۲۳۴)

(٢٣٤) ۽ توهان مان ڪي ماڻهو فوت ٿي وڃن ۽ بيوهه زالون ڇڏي وڃن ته انهن بيوهه زالن کي گهرجي ته چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن (وفات جي عدت تائين) پاڻ کي (ٻئي نڪاح کان) روڪي رکن. پوءِ جڏهن اها عدت پوري ڪن تڏهن جيڪي جائز طريقي سان پنهنجي لاءِ ڪن (يعني ٻئي نڪاح جي تياري ڪن) ته ان لاءِ توهان تي ڪو ڏوهه ڪونهي. (يعني انهن کي نڪي ٻئي نڪاح کان منع ڪيو، نڪي وڌيڪ سوڳ ڪرڻ تي مجبور ڪيو) ۽ جيڪي توهان ڪيو ٿا الله تعاليٰ ان جي خبر رکندڙ آهي.
****

وَ لَا جُنَاحَ عَلَیۡکُمۡ فِیۡمَا عَرَّضۡتُمۡ بِہٖ مِنۡ خِطۡبَۃِ النِّسَآءِ اَوۡ اَکۡنَنۡتُمۡ فِیۡۤ اَنۡفُسِکُمۡ ؕ عَلِمَ اللّٰہُ اَنَّکُمۡ سَتَذۡکُرُوۡنَہُنَّ وَ لٰکِنۡ لَّا تُوَاعِدُوۡہُنَّ سِرًّا اِلَّاۤ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا قَوۡلًا مَّعۡرُوۡفًا ۬ؕ وَ لَا تَعۡزِمُوۡا عُقۡدَۃَ النِّکَاحِ حَتّٰی یَبۡلُغَ الۡکِتٰبُ اَجَلَہٗ ؕ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ یَعۡلَمُ مَا فِیۡۤ اَنۡفُسِکُمۡ فَاحۡذَرُوۡہُ ۚ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ حَلِیۡمٌ ﴿۲۳۵﴾٪ (البقره: ۲۳۵)

(٢٣٥) ۽ جن بيوهه عورتن سان نڪاح ڪرڻ چاهيو تن کي جيڪڏهن اشاري طور پنهنجو ارادو ٻڌايو يا پنهنجي دل ۾ نڪاح جو ارادو لڪائي رکو ته ان ۾ اوهان جي لاءِ گناهه ڪونهي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ان جو خيال توهان جي دل ۾ ايندو، پر ائين نه ٿئي جو لڪي ڇپي انهن کي (نڪاح جو) وعدو ڏيئي ڇڏيو. مگر دستور موجب مناسب ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي ۽ جيستائين عدت جي مقرر مدت پوري نه ٿئي تيستائين نڪاح جي ڳنڍ ٻڌڻ جو پڪو ارادو نه ڪيو (ڇو ته عدت جي اندر نڪاح جي تياري به جائز ناهي) ۽ يقين ڪيو ته جو ڪجهه اوهان جي دلين ۾ آهي سو الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو. تنهن ڪري سندس خوف رکو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشڻ وارو ۽ تحمل وارو آهي.