مسجدن ۾ ذڪر ڪرڻ کان روڪڻ ظلم آهي
(١١٤) ۽ ڏسو ته انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿو ٿي سگهي جو الله تعاليٰ جي عبادتگاهن ۾ سندس نالو ياد ڪرڻ کان ٻين کي روڪي ٿو، بلڪه ٻين جا عبادتگاهه ڊاهڻ گهري ٿو؟ يقيناً هو انهيءَ جا لائق ئي ناهن ته عبادت گاهن ۾ رڳو اندر وڃن، تڏهن وڃن جڏهن خدا جو خوف دل ۾ رکن. مٿي بيان ڪيل ظالمن لاءِ هن دنيا ۾ به خواري آهي ته آخرت ۾ به تمام سخت عذاب ملندن.