مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

غيرالله کي نه پڪاريو

وَ لَا تَدۡعُ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ مَا لَا یَنۡفَعُکَ وَ لَا یَضُرُّکَ ۚ فَاِنۡ فَعَلۡتَ فَاِنَّکَ اِذًا
مِّنَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۱۰۶﴾ (يونس: ۱۰۶)

(١٠٦) ۽ (مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته) الله کان سواءِ ڪنهن کي به نه پڪار، کانئس سواءِ جيڪو به آهي سو نڪي فائدو پهچائي سگهي ٿو، نڪي نقصان! جيڪڏهن تون ائين ڪندين (يعني ڪنهن غير کي پڪاريندين) ته پوءِ يقيناً تون ظالمن ۾ شمار ڪيو ويندين.
****

وَ الَّذِیۡنَ لَا یَدۡعُوۡنَ مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ وَ لَا یَقۡتُلُوۡنَ النَّفۡسَ الَّتِیۡ حَرَّمَ اللّٰہُ اِلَّا بِالۡحَقِّ وَ لَا یَزۡنُوۡنَ ۚ وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ ذٰلِکَ یَلۡقَ اَثَامًا ﴿ۙ۶۸﴾ یُّضٰعَفۡ لَہُ الۡعَذَابُ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ وَ یَخۡلُدۡ فِیۡہٖ مُہَانًا ﴿٭ۖ۶۹﴾ (الفرقان: ۶۸، ۶۹)

(٦٨) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي خدا سان گڏ ٻين ديوتائن کي نٿا پڪارين، نڪي سواءِ حق جي ڪنهن به ساهدار (جانور يا ماڻهو) کي قتل ٿا ڪن جن کي قتل ڪرڻ خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي، نڪي زنا ٿا ڪن. جيڪو به اهي (ئي) ڪم ڪري ٿو سو (نه رڳو) اهڙن (سخت) گناهن جي سزا ڀوڳيندو. (پر) (٦٩) قيامت جي ڏينهن هن کي ٻيڻو عذاب ملندو ۽ انهيءَ عذاب ۾ هميشه ذلت ۽ خواريءَ سان رهندو.
****

فَلَا تَدۡعُ مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ فَتَکُوۡنَ مِنَ الۡمُعَذَّبِیۡنَ ﴿۲۱۳﴾ۚ (الشعراء: ۲۱۳)

(٢١٣) سو (اي پيغمبر!) الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود يا ديوتا کي نه پڪارجانءِ. نه ته تون به انهن ۾ هوندين جن کي عذاب ڪيو ويندو.
****

وَ لَا تَدۡعُ مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ ۘ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ۟ کُلُّ شَیۡءٍ ہَالِکٌ اِلَّا وَجۡہَہٗ ؕ لَہُ الۡحُکۡمُ وَ اِلَیۡہِ تُرۡجَعُوۡنَ ﴿٪۸۸﴾ (القصص: ۸۸)

(٨٨) ۽ الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود کي نه سڏجانءِ، (ڇو ته) هن (هڪ الله) کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود آهي ئي ڪونه! هر هڪ شيءِ (۽ هرهڪ جانور) فنا ٿيڻ وارو آهي سواءِ سندس ذات جي، بادشاهي فقط سندس آهي، ۽ (آخر) اوهان سڀني کي ڏانهس ئي موٽڻو آهي.
****

وَّ اَنَّ الۡمَسٰجِدَ لِلّٰہِ فَلَا تَدۡعُوۡا مَعَ اللّٰہِ اَحَدًا ﴿ۙ۱۸﴾ (الجن: ۱۸)

(١٨) ۽ بيشڪ سجدي ڪرڻ جون سڀ جايون (اطاعت ۽ سجدا) الله جي (عبادت) لاءِ آهن، پوءِ اوهين الله سان گڏ ڪنهن کي به نه سڏيو.