مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

والدين کي اُف به نه چئو

وَ بِالۡوَالِدَیۡنِ اِحۡسَانًا ؕ اِمَّا یَبۡلُغَنَّ عِنۡدَکَ الۡکِبَرَ اَحَدُہُمَاۤ اَوۡ کِلٰہُمَا فَلَا تَقُلۡ لَّہُمَاۤ اُفٍّ وَّ لَا تَنۡہَرۡہُمَا وَ قُلۡ لَّہُمَا قَوۡلًا کَرِیۡمًا ﴿۲۳﴾ (بني اسرائيل: ۲۳)

۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڀلايون ڪيو. جيڪڏهن ماءُ پيءُ مان ڪو هڪ يا ٻئي تنهنجي حياتيءَ ۾ ٻڍاپڻ جي عمر کي پهچي وڃن (۽ انهن جي خدمت جو بار تنهنجي ذمي ٿئي) ته انهن جي ڪنهن به ڳالهه تي رڳو اف به نه چؤ (يعني ڪوبه خفي ٿيڻ جو لفظ نه چؤ) نڪي (غصي ۾ اچي) کين جهڻڪڻ شروع ڪري ڏي. هنن سان ڳالهه ٻولهه ادب ۽ عزت سان ڪر.