اهلِ بيت جي لاءِ خصوصي حڪم ۽ عنايتون
(٣٢) اي نبيءَ جون زالون! اوهان ٻين عورتن وانگر نه آهيو (اوهان جي پوزيشن بلڪل ٻي آهي) جيڪڏهن توهان خدا جو خوف ٿيون رکو ۽ پرهيزگار ٿيڻ ٿيون چاهيو ته (مردن سان) اهڙي نرم (۽ دل ڇڪيندڙ) نموني سان نه ڳالهايو جو جنهن (مرد) جي دل ۾ (بي حيائيءَ جو) مرض هجي سو (ڀلجي بڇڙائيءَ جو) حرص ڪري، ۽ اهڙا لفظ ڳالهايو جي مناسب ۽ انصاف وارا ڄاتا وڃن ٿا. (٣٣) ۽ توهان پنهنجن گهرن ۾ (امن امان ۽ پاڪائيءَ سان) رهو. اڳئين جاهليت جي زماني (جي عورتن) وانگر (ماڻهن کي) هار سينگار ڏيکارينديون نه وتو. (۽ نه گهمو ڦرو) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪنديون رهو. اي اهل بيت (يعني حضرت جن جي گهر جا ڀاتيو انهن هدايتن ڏيڻ جو مقصد هي آهي جو) الله تعاليٰ فقط هي ٿو چاهي ته ناپاڪائيءَ کي اوهان کان دور رکي ۽ اوهان کي هر طرح بلڪل پاڪ ڪري ڇڏي. (٣٤) ۽ (اي حضرت جن جون زالون) اوهان کي جيڪي الله جون آيتون ۽ حڪم ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون اوهان جي گهرن ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون سي پڙهو (ياد رکو ۽ ٻين کي به ٻڌايو) يقيناً الله تعاليٰ بلڪل باريڪ نڪتا به سمجهندڙ آهي ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي (تنهن ڪري سندس آيتن کي سمجهي انهن تي عمل ڪيو).