صدقو، نيڪي ۽ سڌارو ڪريو
(النساء: ۱۱۴)
(١١٤) هنن ماڻهن جي مخفي مشورن مان گهڻن ۾ چڱائي ڪانهي پر جيڪڏهن ڪو (مخفي طرح) خيرات ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن نيڪي جي ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ چاهي (ته پوءِ مخفي مشورا ڪرڻ ۾ به چڱائي آهي) ۽ جيڪو خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪري ٿو تنهن کي اسان وڏو اجر ڏينداسين.