غيرالله کي معبود نه بڻايو
(٢٢) الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي کي معبود نه بنايو، نه ته اهڙا هوندؤ جو هر طرح نفرت جا لائق ۽ هر طرح پريشان ۽ تنگ حال هوندؤ.
****
وَ قَضٰی رَبُّکَ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّاۤ اِیَّاہُ (بني اسرائيل: ۲۳)
(٢٣) ۽ تنهنجي پروردگار حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو