مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪبيرا گناهن ۽ فحاشي کان بچو

اَلَّذِیۡنَ یَجۡتَنِبُوۡنَ کَبٰٓئِرَ الۡاِثۡمِ وَ الۡفَوَاحِشَ اِلَّا اللَّمَمَ ؕ اِنَّ رَبَّکَ وَاسِعُ الۡمَغۡفِرَۃِ ؕ ہُوَ اَعۡلَمُ بِکُمۡ اِذۡ اَنۡشَاَکُمۡ مِّنَ الۡاَرۡضِ وَ اِذۡ اَنۡتُمۡ اَجِنَّۃٌ فِیۡ بُطُوۡنِ اُمَّہٰتِکُمۡ ۚ
(النجم: ۳۲)

(٣٢) جيڪي ماڻهو ڪبيرن گناهن کان ۽ فحش ڪارين کان پري رهن ٿا، پر (ڀل چڪ کان) تنهنجو پروردگار بخشڻ ۾ نهايت ئي ڪشادائي ڪرڻ وارو آهي. هو اوهان کي خوب ڄاڻي ٿو، جڏهن کان اوهان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏهن توهان پنهنجي مائرن جي پيٽن ۾ لڪل هئو.