مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

جنگ ۾ به زيادتي نه ڪيو

وَ قَاتِلُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ الَّذِیۡنَ یُقَاتِلُوۡنَکُمۡ وَ لَا تَعۡتَدُوۡا ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ الۡمُعۡتَدِیۡنَ ﴿۱۹۰﴾ (البقره: ۱۹۰)

(١٩٠) ۽ جيڪي ماڻهو توهان سان اڳرائي ڪري لڙائي ڪن تن سان الله جي راهه ۾ بهادريءَ سان وڙهو، پر ڪنهن به طرح ضرورت جي حد کان ٻاهر نه وڃجو. الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن (خود لڙائي جي حالت ۾ به دوکي بازي، بي رحمي، ڦرلٽ ٻارن ۽ زالن کي قتل ڪرڻ وغيره وغيره حرام آهن).