مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

قرآن ڪريم تي عمل ڪرڻ

وَ ہٰذَا کِتٰبٌ اَنۡزَلۡنٰہُ مُبٰرَکٌ فَاتَّبِعُوۡہُ وَ اتَّقُوۡا لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ ﴿۱۵۵﴾ۙ (الانعام: ۱۵۵)

(١٥٥) ۽ (اهڙيءَ طرح) هي ڪتاب (قرآن مجيد) آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي جو برڪت وارو آهي (يعني جيڪي ان جي پيروي ڪندا تن لاءِ برڪت واري راهه کولي ڇڏيندڙ آهي). پوءِ توهان کي گهرجي ته ان (قرآن مجيد) جي پيروي ڪيو ۽ پرهيزگاريءَ جو ڍنگ اختيار ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.
****

وَ اتَّبِعُوۡۤا اَحۡسَنَ مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکُمۡ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ مِّنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَکُمُ الۡعَذَابُ
بَغۡتَۃً وَّ اَنۡتُمۡ لَا تَشۡعُرُوۡنَ ﴿ۙ۵۵﴾ (الزمر: ۵۵)

(٥٥) ۽ جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن جي بهترين ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪيو ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي پتو ئي نه پوي.