مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

چوريءَ جي سزا

وَ السَّارِقُ وَ السَّارِقَۃُ فَاقۡطَعُوۡۤا اَیۡدِیَہُمَا جَزَآءًۢ بِمَا کَسَبَا نَکَالًا مِّنَ اللّٰہِ ؕ وَ اللّٰہُ عَزِیۡزٌ حَکِیۡمٌ ﴿۳۸﴾ فَمَنۡ تَابَ مِنۡۢ بَعۡدِ ظُلۡمِہٖ وَ اَصۡلَحَ فَاِنَّ اللّٰہَ یَتُوۡبُ عَلَیۡہِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۳۹﴾ (المائده: ۳۹،۳۸)

(٣٨) ۽ جيڪي چور هجن مرد خواهه عورتون تن جا هٿ وڍي ڇڏيو. اها هنن جي ڪِيئي جي سزا آهي ۽ الله جي طرف کان عبرت جي نشاني آهي (جنهن کي ڏسي ٻيا چوري نه ڪندا) الله تعاليٰ (سڀني تي) غالب ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٣٩) پوءِ جنهن اهڙي ظلم (يعني چوري) ڪرڻ بعد توبه ڪئي (يعني چوري ڪرڻ کان هميشه لاءِ باز رهيو) ۽ پاڻ کي سڌاريائين، تنهن ڏانهن الله تعاليٰ به (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪندو، بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحمت رکندڙ آهي.