خدا جي ڏسيل واٽ ئي حق جي واٽ آهي
(الانعام: ۷۱)
(٧١) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا اسان خدا کي ڇڏي انهن (ديوتائن يا بتن) کي پڪاريون جي (پاڻ بيوس آهن ۽) نڪي اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا، نڪي نقصان؟ ۽ توڙي خدا اسان کي (حق پرستيءَ جي) سڌي واٽ ڏيکاري آهي تڏهن به (گمراهيءَ جي طرف) پٺئين پير ڦري هليا وڃون؟ ۽ اسان جو مثال انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي پوي جنهن کي شيطان بيابان ۾ واٽ ڀلائي ڇڏي هجي ۽ حيران پريشان ٿي (هيڏي هوڏي ڀٽڪي) رهيو هجي ۽ سندس سنگتي هن کي واٽ جي طرف سڏيندا رهن (۽ چوندا هجن ته ڪاڏي گم ٿي ويو آهين) هيڏي اسان ڏي اچ؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، فقط خدا جي ڏسيل واٽ ئي حق جي واٽ آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀني جهانن جي پروردگار جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايون.