ڀلي ۽ بري سفارش جو بدلو ملندو
(٨٥) جو انسان ٻئي انسان سان چڱي ڪم ۾ شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان عمل (جي اجر) ۾ حصو ملندو ۽ جيڪو برائي ۾ ٻئي سان شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان لاءِ ان برائي (جي نتيجي) مان حصو ملندو. (هو ۽ هر هڪ شيءِ جو سنڀاليندڙ ۽ نگهبان آهي. هو هر عمل جي مطابق بدلو ڏئي ٿو) ۽ بيشڪ هو هر (ڪم ڪرڻ جي) طاقت رکندڙ آهي.