الله جا مددگار دوست بڻجي وڃو
(١٤) اي ايمان وارو! (هي سڀ ڪجهه پاڻهي ڪونه ٿيندو، بلڪ ان لاءِ) الله جي دين جا مددگار ٿيو، جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجن يارن کي چيو ته، الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير بڻجن ٿا؟ انهن يارن چيو ته، اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون، (انهن ڪوششن کان پوءِ) بني اسرائيلن مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ ڪجهه ماڻهو منڪر ٿي بيٺا. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني پوءِ اهي غالب ٿيا.