مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

هوند وارا ماڻهو خرچ نه ڪرڻ جو قسم نه کائين

وَ لَا یَاۡتَلِ اُولُوا الۡفَضۡلِ مِنۡکُمۡ وَ السَّعَۃِ اَنۡ یُّؤۡتُوۡۤا اُولِی الۡقُرۡبٰی وَ الۡمَسٰکِیۡنَ وَ الۡمُہٰجِرِیۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۪ۖ وَ لۡیَعۡفُوۡا وَ لۡیَصۡفَحُوۡا ؕ اَلَا تُحِبُّوۡنَ اَنۡ یَّغۡفِرَ اللّٰہُ لَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۲۲﴾ (النور: ۲۲)

(٢٢) ۽ اوهان مان جيڪي فضل ۽ وسعت وارا آهن، تن کي گهرجي ته اهو قسم نه کڻن ته اسان (فلاڻن) مائٽن، مسڪينن ۽ خدا جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن کي ڪجهه به نه ڏينداسين. کين گهرجي ته (سندن قصور) معاف ڪري ڇڏين ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نٿا ڪيو ته خدا اوهان کي بخشي ڇڏي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.