مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نعمتن تي ڦونڊجي نه وڃو

لِّکَیۡلَا تَاۡسَوۡا عَلٰی مَا فَاتَکُمۡ وَ لَا تَفۡرَحُوۡا بِمَاۤ اٰتٰىکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ لَا یُحِبُّ کُلَّ مُخۡتَالٍ فَخُوۡرِ ﴿ۙ۲۳﴾ اِۣ لَّذِیۡنَ یَبۡخَلُوۡنَ وَ یَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبُخۡلِ ؕ وَ مَنۡ یَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰہَ ہُوَ الۡغَنِیُّ الۡحَمِیۡدُ ﴿۲۴﴾ (الحديد: ۲۳، ۲۴)

(٢٣) (اهي مصيبتون هِن لاءِ به اچن ٿيون) ته جيڪي اڳ ئي گذري چڪو (يعني توهان اڳ ئي بدعمل ڪري چڪا آهيو) تن تي مايوس نه ٿيو (آئينده نيڪ عمل ڪيو ته خدا جي رحمت ويجهي آهي) ۽ هن لاءِ به (اچن ٿيون) ته جيڪي (نعمتون) توهان کي ڏنيون ويون آهن تن تي ڦونڊجي نه وڃو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪيءَ کي ناپسند ٿو ڪري. (٢٤) جيڪي (ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪي) بخل ۽ ڪنجوسائي ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آهن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه (خدا جي حڪمن کان) ڦري ٿو وڃي ته (ڪابه پرواهه ناهي هو رڳو پنهنجو نقصان ٿو ڪري) الله تعاليٰ ته يقيناً بي پرواهه آهي ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي.