مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

بدگماني کان بچڻ جو حڪم

لَوۡ لَاۤ اِذۡ سَمِعۡتُمُوۡہُ ظَنَّ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بِاَنۡفُسِہِمۡ خَیۡرًا ۙ وَّ قَالُوۡا ہٰذَاۤ اِفۡکٌ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۲﴾ (النور: ۱۲)

(١٢) جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن مؤمن مردن ۽ مؤمن زالن پنهنجي دلين ۾ ڇو نه نيڪ گمان آندو (۽ ڇو بدگمان ٿي هڪڙي خراب تهمت تي کڻي اعتبار ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌايائون) ۽ ڇو نه هڪدم چئي ڏنائون ته، هيءَ ته چٽي چٽي ڪوڙي تهمت آهي.