مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حرام ڪيل جانور ۽ گوشت

حُرِّمَتۡ عَلَیۡکُمُ الۡمَیۡتَۃُ وَ الدَّمُ وَ لَحۡمُ الۡخِنۡزِیۡرِ وَ مَاۤ اُہِلَّ لِغَیۡرِ اللّٰہِ بِہٖ وَ الۡمُنۡخَنِقَۃُ وَ الۡمَوۡقُوۡذَۃُ وَ الۡمُتَرَدِّیَۃُ وَ النَّطِیۡحَۃُ وَ مَاۤ اَکَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَکَّیۡتُمۡ ۟ وَ مَا ذُبِحَ عَلَی النُّصُبِ وَ اَنۡ تَسۡتَقۡسِمُوۡا بِالۡاَزۡلَامِ ؕ ذٰلِکُمۡ فِسۡقٌ ؕ اَلۡیَوۡمَ یَئِسَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ دِیۡنِکُمۡ فَلَا تَخۡشَوۡہُمۡ وَ اخۡشَوۡنِ ؕ اَلۡیَوۡمَ اَکۡمَلۡتُ لَکُمۡ دِیۡنَکُمۡ وَ اَتۡمَمۡتُ عَلَیۡکُمۡ نِعۡمَتِیۡ وَ رَضِیۡتُ لَکُمُ الۡاِسۡلَامَ دِیۡنًا ؕ فَمَنِ اضۡطُرَّ فِیۡ مَخۡمَصَۃٍ غَیۡرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثۡمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۳﴾ (المائده: ۳)

(٣) (مسلمانو!) توهان تي (هي شيون) حرام ڪيون ويون آهن، مردار جانور، رت، سوئر جو گوشت، اهو جانور جنهن تي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو وٺجي، گردن گهٽي ماريل، ڌڪ هڻي ماريل، مٿاهين جاءِ تان ڪري مئل، ڪنهن جانورن جي سڱن سان مريل، جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور چيري، ڦاڙي کاڌو هجي، پر اهي (حرام ناهن) جن کي توهان (انهن جي مرڻ کان اڳي) ذبح ڪري وٺو. اهو جانور به حرام آهي جو ڪنهن غير الله جي پوڄا جي جاءِ تي ذبح ڪيو وڃي، ۽ جيڪي (گوشت يا ٻيون شيون ڪڻن جي نموني يا جوا طور) تيرن سان پاڻ ۾ ورهايو (جيئن عرب جا مشرڪ ڪندا هئا سو به حرام آهي). اها گناهه جي ڳالهه آهي. (مسلمانو!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي هئي اهي هاڻي اوهان جي دين بابت نااميد ٿي ويا آهن (يعني ڏسن ٿا ته اسلام پڪي پايي تي قائم ٿي ويو آهي ۽ مسلمان زور وٺي ويا آهن) پوءِ توهان هنن کان بلڪل نه ڊڄو ۽ فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪيو) اڄوڪي ڏينهن مون توهان جي لاءِ توهان جو دين ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪيم ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو بک کان لاچار هجي، ائين نه ته (ڄاڻي ٻجهي) گناهه جو ڪم ڪرڻ چاهي (۽ لاچاري حالت ۾ ڪا حرام شيءِ کائي) ته پوءِ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحمت رکندڙ آهي.