منڪرن جو چيو نه مڃو
(٨) پوءِ (اي پيغمبر!) تون ڪوڙ بڪيندڙن جي (سندن ڪوڙ تي) تابعداري نه ڪر. (٩) اهي خواهش ڪن ٿا ته، (اهڙن طعنن کان تنگ اچي) تون ڍرو؟ ٿئين، پوءِ هو به (مفاهمت لاءِ) ڍرا ٿين. (١٠) ۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جي تابعداري نه ڪر، جو (اهو پست ذهنيت جي ڪري) گهڻا قسم کائڻ وارو، خوار هجي. (١١) طعنا هڻندڙ، (جو کيس تنهنجي جماعت ۾ ڪٿي به چڱائي نظر نٿي اچي) چغليون کڻي هلندڙ. (ته جيئن فتنو ۽ فساد پيدا ٿئي). (١٢) (پاڻ به چڱو ڪم نه ڪري ۽ ٻين کي به) چڱي ڪم کان روڪيندڙ، (سرڪشيءِ ۾) حد کان لگهندڙ، ڏوهاري، (انسانيت لاءِ تعميري ڪم ۾ سڀ کان پٺتي). (١٣) بڇڙي طبيعت وارو (۽) ان کانپوءِ بداصل هجي. (هميشه نيت اها ته ماڻهن جو سڀ ڪجهه هڙپ ڪري وڃي).