اهلِ ڪتاب جو کاڌو ۽ عورتون
(٥) اڄ سڀ چڱيون شيون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن، جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي تن (اهل ڪتاب) جو تيار ڪيل طعام توهان جي لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو طعام هنن لاءِ حلال آهي. پڻ اوهان جي لاءِ مسلمان بيبيون ۽ اهل ڪتاب جون بيبيون حلال آهن، بشرطيڪ انهن جو مهر انهن کي ڏيو ۽ مقصود نڪاح ۾ آڻڻ جو هجي، نڪي نفس پرستيءَ لاءِ بدڪاري ڪئي وڃي، نڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪئي وڃي، ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان کان منڪر ٿيو تنهنجا عمل ضايع ٿي ويا ۽ آخرت ۾ هو انهن منجهان هوندو جي تباهه حال هوندا.