مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نمازِ قصر جو حڪم

وَ اِذَا ضَرَبۡتُمۡ فِی الۡاَرۡضِ فَلَیۡسَ عَلَیۡکُمۡ جُنَاحٌ اَنۡ تَقۡصُرُوۡا مِنَ الصَّلٰوۃِ ٭ۖ اِنۡ خِفۡتُمۡ اَنۡ یَّفۡتِنَکُمُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا ؕ اِنَّ الۡکٰفِرِیۡنَ کَانُوۡا لَکُمۡ عَدُوًّا مُّبِیۡنًا ﴿۱۰۱﴾
(النساء: ۱۰۱)

(١٠١) ۽ جيڪڏهن (جنگ ڪرڻ لاءِ) سفر تي نڪرو ۽ اوهان کي انديشو هجي ته ڪافر توهان کي ڪنهن تڪليف ۾ نه وجهن ته پوءِ توهان تي گناهه ڪونهي. جيڪڏهن نماز گهٽائي پڙهو (يعني چار رڪعتون فرض جي بدران ٻه رڪعتون). بلاشبه ڪافر توهان جا ظاهر ظهور دشمن آهن (نماز جي وقت به حملو ڪري ڏيندا).