ٻه ٻه گهر نه پنو
(النحل: ۵۱)
(٥١) ۽ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، پنهنجي لاءِ ٻه ٻه معبود نه ٺهرايو ۽ بنايو. حقيقت فقط هيءَ آهي ته اهو (الله) ئي هڪ معبود آهي. (سو ڏسو ته) فقط مان ئي (معبود) آهيان، تنهن ڪري فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجا حڪم مڃو).
****
لَوۡ کَانَ فِیۡہِمَاۤ اٰلِہَۃٌ اِلَّا اللّٰہُ لَفَسَدَتَا ۚ فَسُبۡحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ الۡعَرۡشِ عَمَّا یَصِفُوۡنَ ﴿۲۲﴾
(الانبياء: ۲۲)
(٢٢) جيڪڏهن آسمان ۽ زمين ۾ الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود هجي ها ته (ممڪن ئي نه هو ته ان جو ڪارخانو نظام سان ۽ هڪ ڍنگ ۽ قانون سان هلي ها بلڪ) اهي (زمين ۽ آسمان) يقيناً بگڙجي برباد ٿي وڃن ها. پوءِ الله جي لاءِ جو (جهان جي) تخت جو مالڪ آهي شان ۽ پاڪائي هجي. انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي هي ماڻهو سندس متعلق بيان ڪن ٿا.