مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ماڻهن جي اذيتن کي عذابِ الاهي نه سمجهو

وَ مِنَ النَّاسِ مَنۡ یَّقُوۡلُ اٰمَنَّا بِاللّٰہِ فَاِذَاۤ اُوۡذِیَ فِی اللّٰہِ جَعَلَ فِتۡنَۃَ النَّاسِ کَعَذَابِ اللّٰہِ ؕ وَ لَئِنۡ جَآءَ نَصۡرٌ مِّنۡ رَّبِّکَ لَیَقُوۡلُنَّ اِنَّا کُنَّا مَعَکُمۡ ؕ اَوَ لَیۡسَ اللّٰہُ بِاَعۡلَمَ بِمَا فِیۡ صُدُوۡرِ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰﴾ (العنڪبوت: ۱۰)

(١٠) ۽ (افسوس) ماڻهن ۾ ڪي اهڙا (ضعيف ايمان وارا يا منافق) به آهن جيڪي (ظاهري ته) چون ٿا ته، اسان ايمان آندو آهي پر جڏهن (خدا جي راهه ۾) ڪنهن تڪليف يا مصيبت هيٺ اچن ٿا تڏهن ماڻهن جي ظلم (کان جيڪا تڪليف کين پهچي ٿي تنهن) کي خدا جي عذاب وانگر ٿا سمجهن (يعني ان کي خدا جو عذاب ڪري ٿا سمجهن، حالانڪ اها سندن ايمان جي آزمائش ٿي وٺجي) ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان (اوهان مسلمانن لاءِ) ڪا مدد (۽ فتح) اچي ته پوءِ يقيناً (پنهنجن فائدن وٺڻ لاءِ) چوندا ته يقيناً اسان توهان (مسلمانن) سان شامل هئاسين، (نه اوهان جي دشمنن سان) ڇا (هو ايترو به نٿا ڄاڻن ته) الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو ته ماڻهن جي دلين ۾ ڇا آهي. (اهي منافق مسلمانن کي کڻي ٺڳي سگهن پر خدا سندن دلين جا خيال به ڄاڻي ٿو ۽ کين سندن بدخيالن ۽ بدعملن موجب ضورور سزا ڏيندو.)