الله ۽ رسول جو پيغام سڀ کان مٿي رکو
)اي پيغمبر! مسلمان کي) چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون زالون ۽ توهان جا مائٽ ۽ توهان جو مال جو توهان ڪمايو آهي ۽ توهان جو واپار جنهن جي سرد پوڻ ۽ نقصان هيٺ اچڻ جو توهان کي انديشو ٿئي ٿو ۽ توهان جي رهڻ جا مڪان جي توهان کي ايتري قدر پسند آهن، اهي سڀ شيون اوهان کي الله کان سندس رسول کان ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پياريون آهن ته (حق جي دعوت اوهان جي محتاج ناهي) توهان ترسو ۽ انتظار ڪريو جيستائين جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي سو توهان جي اڳيان آڻي.