مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

صرف ڪائنات جي رب جي عبادت ڪيو ۽تقويٰ اختيار ڪيو

یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اعۡبُدُوۡا رَبَّکُمُ الَّذِیۡ خَلَقَکُمۡ وَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَتَّقُوۡنَ﴿ۙ۲۱﴾ الَّذِیۡ جَعَلَ لَکُمُ الۡاَرۡضَ فِرَاشًا وَّ السَّمَآءَ بِنَآءً ۪ وَّ اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَخۡرَجَ بِہٖ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزۡقًا لَّکُمۡ ۚ فَلَا تَجۡعَلُوۡا لِلّٰہِ اَنۡدَادًا وَّ اَنۡتُمۡ تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (البقره: ۲۲،۲۱)
(٢١) اي انسانؤ! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو، جنهن اوهان کي خلقيو ۽ انهن کي خلقيو جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن. (ان ڪري مهربان، رحيم، پالڻهار خالق جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو) ته من گناهن کان بچي نيڪيءَ جي راهه وٺو. (۽ دنيا ۽ آخرت جون نعمتون ماڻيو). (٢٢) (انهيءَ پالڻهار جي ٻانهپ ڪيو). جنهن اوهانجي لاءِ زمين کي فرش وانگر وڇايو، ۽ آسمان کي ڇت وانگر بلند ڪيو، ۽ جو آسمان مان مينهن وسائي ٿو، جنهن جي وسيلي طرحين طرحين جا ميوا توهانجي کائڻ لاءِ اڀاري ٿو. پوءِ (سندس خالقيت، ربوبيت ۽ رحمت ڏسي ڪري) ائين نه ڪيو جو الله سان ٻين هستين کي به شريڪ ڪريو (۽ انهن کي پوڄيو) جڏهن ته توهان ڄاڻو به ٿا (ته خالق ۽ رب فقط، هڪ الله آهي).
****
وَ لِلّٰہِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ ؕ وَ لَقَدۡ وَصَّیۡنَا الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡکِتٰبَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ وَ اِیَّاکُمۡ اَنِ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ وَ اِنۡ تَکۡفُرُوۡا فَاِنَّ لِلّٰہِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ غَنِیًّا حَمِیۡدًا ﴿۱۳۱﴾(النساءِ: ۱۳۱)
(١٣١) ۽ (ياد رکو) ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جو آهي ۽ الله جي واسطي آهي. يقيناً اسان انهن ماڻهن کي جن کي اوهان کان اڳي ڪتاب ڏنو ويو ۽ پڻ اوهان کي حڪم ڪيو ته الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪيو، ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم) نه مڃيندؤ ته (خدا کي ڪا پرواهه ڪانهي، نقصان اوهان جو ٿيندو) يقيناً جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جي لاءِ آهي ۽ الله تعاليٰ بي نياز آهي ۽ سڀني چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي.
****
ذٰلِکُمُ اللّٰہُ رَبُّکُمۡ ۚ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ۚ خَالِقُ کُلِّ شَیۡءٍ فَاعۡبُدُوۡہُ ۚ وَ ہُوَ عَلٰی
کُلِّ شَیۡءٍ وَّکِیۡلٌ ﴿۱۰۲﴾ (الانعام: ۱۰۲)
(١٠٢) اهوئي الله اوهان جو پروردگار آهي، ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي، پر هو پاڻ سڀني شين جو پيدا ڪندڙ آهي. تنهن ڪري فقط، انهيءَ جي بندگي ڪيو ۽ هر شيءِ سندس حوالي آهي.
****
یٰعِبَادِیَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنَّ اَرۡضِیۡ وَاسِعَۃٌ فَاِیَّایَ فَاعۡبُدُوۡنِ ﴿۵۶﴾ (العنڪبوت: ۵۶)
(٥٦) اي منهنجا مسلمان بندؤ! يقين ڄاڻو ته منهنجي زمين ڪشادي آهي سو (جيڪڏهن هتي مڪي ۾ منهنجي حڪمن جي تعميل پوريءَ طرح ڪري نٿا سگهو ته ٻئي اهڙي ملڪ ۾ وڃو جتي پوريءَ طرح تعميل ڪري سگهو ۽) فقط منهنجي ٻانهپ ڪيو.
****
وَّ اَنِ اعۡبُدُوۡنِیۡ ؕؔ ہٰذَا صِرَاطٌ مُّسۡتَقِیۡمٌ ﴿۶۱﴾ (يـٰس: ۶۱)
(٦١) ۽ (پڻ حڪم ڏنو هو ته) فقط منهنجي ٻانهپ ۽ تابعداري ڪجو، جو اهائي سڌي واٽ آهي.
****
لَہُمۡ مِّنۡ فَوۡقِہِمۡ ظُلَلٌ مِّنَ النَّارِ وَ مِنۡ تَحۡتِہِمۡ ظُلَلٌ ؕ ذٰلِکَ یُخَوِّفُ اللّٰہُ بِہٖ عِبَادَہٗ ؕ یٰعِبَادِ فَاتَّقُوۡنِ ﴿۱۶﴾ (الزمر: ۱۶)
(١٦) انهن جي لاءِ سندن مٿان به باهه جا تهه هوندا ۽ هيٺان به اهڙا تهه هوندا. الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي انهيءَ (عذاب) کان خوف ڏياري خبردار ڪري ٿو (ته متان گناهه ڪيو ۽ باهه ۾ سڙو) پوءِ اي منهنجا بندؤ! منهنجي (نافرمانيءَ جي عيوض ۾ جيڪو مان عذاب ٿو ڏيان تنهن) کان ڊڄو (۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو).
****
بَلِ اللّٰہَ فَاعۡبُدۡ وَ کُنۡ مِّنَ الشّٰکِرِیۡنَ ﴿۶۶﴾ (الزمر: ۶۶)
(٦٦) نه (ٻين جي واٽ نه وٺو) بلڪه فقط الله جي ٻانهپ ڪيو، ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪري سندس مفيد حڪمن جي تعميل ڪري ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪيو).
****
فَادۡعُوا اللّٰہَ مُخۡلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ وَ لَوۡ کَرِہَ الۡکٰفِرُوۡنَ ﴿۱۴﴾ (المومن: ۱۴)
(١٤) سو توهان فقط الله کي پڪاريو ۽ سچائيءَ سان سندس فرمانبرداري ڪيو اگرچه انهيءَ ڳالهه کي ڪافر سخت ناپسند ڪن.
****
ہُوَ الۡحَیُّ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ فَادۡعُوۡہُ مُخۡلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ ؕ اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۶۵﴾
(المومن: ۶۵)
(٦٥) اهوئي آهي جو سچ پچ زندهه آهي (۽ هر وقت ۽ هميشه زندهه آهي) ان کان سواءِ ڪوبه عبادت (۽ فرمانبرداري جي) لائق ڪونهي، پوءِ توهان فقط کيس پڪاريو ۽ اخلاص ۽ فرمابرداريءَ سان پڪاريو (۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو) سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو جهانن جو پروردگار آهي.
****
وَ مَا خَلَقۡتُ الۡجِنَّ وَ الۡاِنۡسَ اِلَّا لِیَعۡبُدُوۡنِ ﴿۵۶﴾ (الذاريات: ۵۶)
(٥٦) ۽ مون جنن توڙي انسانن کي فقط هن لاءِ خلقيو آهي ته هو منهنجي ٻانهپ ڪن (۽ ٻين جي غلاميءَ کان بچي انسانيت جي معراج تي پهچن).
****
اَفَمِنۡ ہٰذَا الۡحَدِیۡثِ تَعۡجَبُوۡنَ ﴿ۙ۵۹﴾ وَ تَضۡحَکُوۡنَ وَ لَا تَبۡکُوۡنَ ﴿ۙ۶۰﴾ وَ اَنۡتُمۡ سٰمِدُوۡنَ﴿۶۱﴾ فَاسۡجُدُوۡا لِلّٰہِ وَ اعۡبُدُوۡا ﴿٪ٛ۶۲﴾ (النجم: ۶۲،۶۱،۶۰،۵۹)
(٥٩) پوءِ ڇا توهان هن ڳالهه بابت عجب ۾ پئجي ٿا وڃو؟ (۽ اعتبار نٿا ڪيو؟) (٦٠) ۽ کلو ٿا پيا ۽ روئو نٿا؟ (٦١) ۽ توهان بيهودين ڳالهين ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو. (غفلت ڇڏيو خبردار ٿيو). (٦٢) الله تعاليٰ اڳيان جهڪي پئو ۽ سندس ٻانهپ ڪيو (سندس سڀني حڪمن جي تعميل ڪيو).
****
فَاتَّقُوا اللّٰہَ یٰۤاُولِی الۡاَلۡبَابِ ۬ۚۖۛ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ۟ۛ قَدۡ اَنۡزَلَ اللّٰہُ اِلَیۡکُمۡ ذِکۡرًا ﴿ۙ۱۰﴾
(الطلاق: ۱۰)
پوءِ اي عقل وارا مؤمنو! الله کان ڊڄو! (۽ ان جي قانونن جي پاسخاطري رکو) الله اوهان ڏي هڪ ڪتاب (قرآن چٽا حڪم ڏئي) نازل ڪيو آهي.