مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

وڏي واڪي برو چوڻ کان منع

لَا یُحِبُّ اللّٰہُ الۡجَہۡرَ بِالسُّوۡٓءِ مِنَ الۡقَوۡلِ اِلَّا مَنۡ ظُلِمَ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ سَمِیۡعًا عَلِیۡمًا ﴿۱۴۸﴾
(النساء: ۱۴۸)

(١٤٨) خدا پسند نٿو ڪري ته توهان (ٻين جون) برايون وڏي آواز سان ٻڌائيندا وتو، سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن سان ظلم ٿيو هجي (۽ هو ظالم جي ظلم جو بيان ڪري) ۽ (ياد رکو ته) خدا ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.