نبي جو مشن
(الاعراف: ۱۵۷)
اهو نبي نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو، برائيءَ کان روڪيندو، وڻندڙ شيون حلال ڪندو، غليظ شيون حرام ٺهرائيندو. انهيءَ بار کان ڇوٽڪارو ڏيندو جنهن جي هيٺان دٻيل آهن ۽ انهن ڦندن (سرڪڻ ڦاهين) مان ڪڍندو جن ۾ هو ڦاٿل هوندا. تنهن ڪري جيڪي به ماڻهو مٿس ايمان آڻيندا، سندس مخالفن کي روڪيندا، (حق جي راهه ۾) سندس مدد ڪندا ۽ انهيءَ نور ۽ (روشنائي) جي پٺيان لڳندا جو هن سان گڏ موڪليل آهي اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن. (هو دنيا ۾ به خوش آسودا ۽ طاقت وارا رهندا ۽ آخرت ۾ به جنت جا حقدار ٿيندا).