اهي ماڻهو جن جي پڇاڙي ڀلي ٿيندي
(٢٠) اهي (نصيحت وٺندڙ) اهي ماڻهو آهن جيڪي الله سان پنهنجي (ٻانهپ جو) عهد پورو ڪن ٿا ۽ پنهنجو قول ۽ قرار نٿا ڀڃن. (٢١) ۽ اهي اهي ماڻهو آهن جيڪي انهن رشتن (يعني لاڳاپن) کي جوڙين ۽ ڳنڍين ٿا جن جي جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ جو الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي. (فقط) پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا ۽ حساب (ڏيڻ) جي سختي جي خيال کان انديشي ۾ رهن ٿا. (٢٢) ۽ اهي اُهي ماڻهو آهن جن الله تعاليٰ جي محبت ڪندي (يا الله تعاليٰ جي راضپي حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ هر طرح جي پَوڻاين ۽ سختين ۾) صبر ڪيو (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم رهيا) نماز قائم رکي جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راهه ۾) مخفي طرح توڙي ظاهرظهور خرچ ڪندا رهيا. هنن برائيءَ جي مقابلي ۾ برائي نه ڪئي، بلڪ چڱائيءَ جي هلت ڪئي. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ عاقبت جو گهر (تيار رکيل) آهي.