خدا تي ڪوڙ ٺاهيندڙ وڏو ظالم آهي
سو انهيءَ شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو خدا تي ڪوڙ ٺاهي ٿو؟ ۽ جڏهن کيس حق جي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي تڏهن ان کي ٺڪرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا جهنم ۾ اهڙن ڪافرن لاءِ جاءِ ئي ڪانهي؟ (جيڪي خدا تي ڪوڙ ٿا هڻن. بيشڪ آهي. پر هو اڃا به وڌيڪ سزا جا لائق آهن.)
****
وَ مَنۡ اَظۡلَمُ مِمَّنِ افۡتَرٰی عَلَی اللّٰہِ کَذِبًا اَوۡ کَذَّبَ بِاٰیٰتِہٖ ؕ اِنَّہٗ لَا یُفۡلِحُ
الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۲۱﴾ (الانعام: ۲۱)
۽ (ڏسو) جنهن الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٺاهيو ۽ سندس آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تنهن کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ يقين آهي ته ظلم ڪندڙ (يعني غلط راهه تي هلندڙ) ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿيندا.