نماز، زڪوات، اتحاد ۽ جهاد جو حڪم
(٧٧) مؤمنؤ! رڪوع ۾ جهڪو، سجدي ۾ ڪري ڪري پئو، پنهنجي پروردگار جي ٻانهپ ڪيو ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪيو. عجب ناهي ته ائين ڪرڻ سان اوهان ڪامياب ۽ بامراد ٿيندؤ (يعني دنيا ۽ آخرت جون نعمتون حاصل ڪندؤ). (٧٨) ۽ الله جي راهه ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳايو. ان جي راهه ۾ بي انتها ڪوشش ڪرڻ جو جيڪو حق آهي، سو پوريءَ طرح بجا آڻيو. الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) کي وڏي فضيلت لاءِ چونڊي کنيو آهي، ۽ توهان جي لاءِ دين ۾ ڪنهن به قسم جي تنگي (يا تڪليف) ڪانه رکي اٿس. توهان کي اهوئي (سنئو سڌو) طريقو ڏسيو ويو آهي، جو توهان جي پيءُ حضرت ابراهيم جو هو. الله تعاليٰ توهان جو نالو مسلم رکيو آهي. اڳوڻن زمانن ۾ به ۽ (قرآن) ۾ به ۽ اهو هن لاءِ ڪيائين ته رسول(ﷺ) اوهان جي لاءِ (حق جو) شاهد ٿئي (يعني حق سيکاري) ۽ توهان وري سڀني انسانن جي لاءِ (حق سيکاريندڙ ٿيو). تنهن ڪري توهان نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ زڪوات جو بندوبست رکو. الله جو سهارو مضبوط جهليو. اهوئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ جنهن جو ڪارساز الله ٿيو، تنهن جو ڪهڙو نه چڱو ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار!