نيڪوڪارن جون وصفون ۽ انعام
(٥) بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (مشروب جي)پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي ٿيندي. (٦) (اهو ڪافور) جيڪو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا. (٧) اهي (ماڻهو دنيا ۾ الله جي جي اطاعت بابت کنيل ذميواريءَ جي) باس کي پورو ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي. (٨) ۽ سندس محبت وچان مسڪين، يتيم ۽ قيديءَ (جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا ۽ انهن) کي کاڌو کارائين ٿا. (٩) (۽ چون ٿا ته) اسين اوهان (تي ڪوبه احسان نٿا ڪريون.) رڳو الله جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا. (١٠) بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ واري) هڪ ڏکئي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا.
****
اِنَّ الۡاَبۡرَارَ لَفِیۡ نَعِیۡمٍ ﴿ۙ۲۲﴾ عَلَی الۡاَرَآئِکِ یَنۡظُرُوۡنَ ﴿ۙ۲۳﴾ تَعۡرِفُ فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ نَضۡرَۃَ النَّعِیۡمِ ﴿ۚ۲۴﴾ یُسۡقَوۡنَ مِنۡ رَّحِیۡقٍ مَّخۡتُوۡمٍ ﴿ۙ۲۵﴾ خِتٰمُہٗ مِسۡکٌ ؕ وَ فِیۡ ذٰلِکَ فَلۡیَتَنَافَسِ الۡمُتَنَافِسُوۡنَ ﴿ؕ۲۶﴾ (المطففين: ۲۲ کان ۲۶)
)٢٢) بيشڪ تابعدار ته ضرور (بهشت جي) نعمت ۾ ٿيندا. (٢٣) پلنگن تان (بهشت جي عجائبات جا نظارا) پيا ڏسندا. (٢٤) تون انهن جي چهري ۾ (آرام ۽ اطمينان وارين) نعمتن جي تازگي معلوم ڪندين. (٢٥) کين مهر لڳل خالص مشروبن مان پيو پياربو. (٢٦) جنهن تي مهر مشڪ جي هوندي، ۽ ان ۾ اڃان (به اهڙيون شيون هونديون جو) ڀلي شوق ڪرڻ وارا (مزي سان) شوق پورو ڪن.