مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حرمت وارن مهينن ۾ قتل جي منع ۽ فتنو قتل کان وڏو گناهه آهي

یَسۡـَٔلُوۡنَکَ عَنِ الشَّہۡرِ الۡحَرَامِ قِتَالٍ فِیۡہِ ؕ قُلۡ قِتَالٌ فِیۡہِ کَبِیۡرٌ ؕ وَ صَدٌّ عَنۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ کُفۡرٌۢ بِہٖ وَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرَامِ ٭ وَ اِخۡرَاجُ اَہۡلِہٖ مِنۡہُ اَکۡبَرُ عِنۡدَ اللّٰہِ ۚ وَ الۡفِتۡنَۃُ اَکۡبَرُ مِنَ الۡقَتۡلِ (البقره: ۲۱۷)

(٢١٧) (اي پيغمبر!) توکان ماڻهو پڇن ٿا ته حرمت واري مهيني ۾ لڙائي ڪرڻ به نسبت حڪم ڪيئن آهي، هنن کي چئو ته، ان ۾ لڙائي ڪرڻ وڏي برائي آهي. پر انسانن کي الله جي راهه کان روڪڻ حق کان انڪار ڪرڻ، ڪعبة الله ۾ وڃڻ کان منع ڪرڻ ۽ پڻ مڪي جي مسلمانن کي مڪي مان تڙي ڪڍڻ الله وٽ سڀني گناهن کان وڏو گناهه آهي ۽ فتنو (يعني ظلم ۽ فساد خصوصاً مذهبي تعصب کان ڪيل ظلم) قتل ۽ خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي.