يتيمن جي ڀلائي ۽ سنڀال
(٢٢٠) ۽ ماڻهو توکان يتيمن متعلق سوال ڪن ٿا. انهن کي چئو ته، جنهن ڳالهه ۾ هنن جو سڌارو ۽ فائدو هجي اها ئي بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن توهان هنن سان گڏ رهو ۽ پنهنجي گهر ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته بهرحال هو اوهان جا ڀائر آهن. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌاري ڪرڻ وارو آهي ۽ ڪير بگاڙو ۽ خرابي ڪرڻ وارو آهي. (توهان جي نيت چڱي آهي ته يتيمن جي مال سنڀالڻ کان نه نٽايو) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته (يتيمن جي نازڪ معاملي ۾) اوهان کي تڪليف ۾ وجهي ها (يعني سخت پابندين وارا حڪم ڏئي ها) بيشڪ الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.