مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نبيءَ جون گهرواريون مؤمنن جون مائر آهن

اَلنَّبِیُّ اَوۡلٰی بِالۡمُؤۡمِنِیۡنَ مِنۡ اَنۡفُسِہِمۡ وَ اَزۡوَاجُہٗۤ اُمَّہٰتُہُمۡ ؕ وَ اُولُوا الۡاَرۡحَامِ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلٰی بِبَعۡضٍ فِیۡ کِتٰبِ اللّٰہِ مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ الۡمُہٰجِرِیۡنَ اِلَّاۤ اَنۡ تَفۡعَلُوۡۤا اِلٰۤی اَوۡلِیٰٓئِکُمۡ مَّعۡرُوۡفًا ؕ کَانَ ذٰلِکَ فِی الۡکِتٰبِ مَسۡطُوۡرًا ﴿۶﴾ (الاحزاب: ۶)

(٦) مسلمانن جي لاءِ حضرت نبيﷺ سندن جانين کان به وڌيڪ ويجهو آهي، ۽ سندس حرم مبارڪ (يعني زالون) مؤمنن جون مائرون آهن. ۽ الله جي ڪتاب موجب سچا پچا مائٽ هڪ ٻئي لاءِ وڌيڪ ويجها آهن ٻين مؤمن ڀائرن کان يا مهاجر ڀائرن کان. (يعني فوتيءَ جو ترڪو سچن مائٽن کي ملڻ گهرجي) پر جيڪڏهن پنهنجي دوستن سان چڱائي ڪيو ته ڀلي ڪيو (اها ٻي ڳالهه آهي) (خدا جي) ڪتاب ۾ لکي ويئي آهي.