مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

قيامت جي خوف ۽ زندگيءَ جو ڌوڪو

یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّکُمۡ وَ اخۡشَوۡا یَوۡمًا لَّا یَجۡزِیۡ وَالِدٌ عَنۡ وَّلَدِہٖ ۫ وَ لَا مَوۡلُوۡدٌ ہُوَ جَازٍ عَنۡ وَّالِدِہٖ شَیۡئًا ؕ اِنَّ وَعۡدَ اللّٰہِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّکُمُ الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَا ٝ وَ لَا یَغُرَّنَّکُمۡ بِاللّٰہِ الۡغَرُوۡرُ ﴿۳۳﴾ (لقمان: ۳۳)

(٣٣) اي انسانو! پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ۽ انهيءَ (جزا ۽ سزا واري) ڏينهن جي اچڻ کان ڊڄو جنهن ڏينهن نڪي پيءُ پٽ کي ڪم ايندو، نڪي پٽ پيءُ کي (نڪي هڪڙو ٻئي لاءِ فديو ٿي انهيءَ کي بچائي سگهندو) بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي (ته هو نيڪي ڪندڙن کي ڪامران ڪندو ۽ برائي ڪندڙن کي ناڪام ڪندو). تنهن ڪري (خبردار ٿيو) ائين نه ٿئي جو دنيا جي زندگي (يعني وقتي خوشي يا فائدو) توهان کي ٺڳي (۽ بدعمل ڪرائي) ۽ ائين نه ٿئي جو دغا باز شيطان (اوهان کي ترت فائدو ڏيکاري) الله (جي فرمانبرداري) بابت برغلائي ڇڏي.