بُخل نه ڪيو ۽ فضول خرچي به نه ڪيو
مَلُوۡمًا مَّحۡسُوۡرًا ﴿۲۹﴾ (بني اسرائيل: ۲۹)
(٢٩) ۽ نڪي پنهنجو هٿ پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏيو (يعني نڪي ڪنجوسائي ڪيو) نڪي بلڪل هٿ ڦاڙ ٿيو. (ٻنهي حالتن جو نتيجو هي ٿيندو ته) توهان تي هر طرف کان ملامت پوندي ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ رهندؤ.
****
وَ الَّذِیۡنَ اِذَاۤ اَنۡفَقُوۡا لَمۡ یُسۡرِفُوۡا وَ لَمۡ یَقۡتُرُوۡا وَ کَانَ بَیۡنَ ذٰلِکَ قَوَامًا ﴿۶۷﴾
(الفرقان: ۶۷)
(٦٧) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جي جڏهن (پئسا، سامان يا پنهنجون طاقتون) خرچ ڪن ٿا يا ڪم ٿا آڻين تڏهن حد کان ٻاهر نٿا وڃن ۽ فضول خرچي نٿا ڪن، نڪي وري ڪنجوسائي ٿا ڪن. انهن جي سڀ هلت چلت افراط ۽ تفريط (يعني اور ۽ پور) جي وچ ۾ هوندي آهي.
****
الَّذِیۡنَ یَبۡخَلُوۡنَ وَ یَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبُخۡلِ ؕ وَ مَنۡ یَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰہَ ہُوَ
الۡغَنِیُّ الۡحَمِیۡدُ ﴿۲۴﴾ (الحديد: ۲۴)
(٢٤) جيڪي (ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪي) بخل ۽ ڪنجوسائي ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آهن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه (خدا جي حڪمن کان) ڦري ٿو وڃي ته (ڪابه پرواهه ناهي هو رڳو پنهنجو نقصان ٿو ڪري) الله تعاليٰ ته يقيناً بي پرواهه آهي ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي.