مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مشرڪ وڙهن ته اوهان به وڙهو

وَ قَاتِلُوا الۡمُشۡرِکِیۡنَ کَآفَّۃً کَمَا یُقَاتِلُوۡنَکُمۡ کَآفَّۃً ؕ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ مَعَ الۡمُتَّقِیۡنَ ﴿۳۶﴾
(التوبه: ۳۶)

۽ اوهان سڀني (مسلمانن) کي گهرجي ته سڀني مشرڪن سان گڏجي لڙائي ڪيو، جيئن هو سڀ اوهان سڀني سان گڏجي لڙائي ٿا ڪن ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي (هر حال ۾) متقي آهن.
****

اِنۡفِرُوۡا خِفَافًا وَّ ثِقَالًا وَّ جَاہِدُوۡا بِاَمۡوَالِکُمۡ وَ اَنۡفُسِکُمۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ؕ ذٰلِکُمۡ خَیۡرٌ لَّکُمۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۴۱﴾ (التوبه: ۴۱)

(٤١) (مسلمانو! هٿيارن ۽ سامان سان جو) هلڪو هجي توڙي ڳورور هجي، جنهن به حال ۾ هجو نڪري کڙا ٿيو (جو مدافعت لاءِ توهان کي سڏيو ويو آهي) ۽ پنهنجي مال سان ۽ پنهنجي جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو، جيڪڏهن توهان (پنهنجو نفعو نقصان) ڄاڻو ٿا ته، هي (يعني جهاد ڪرڻ) توهان جي حق ۾ بهتر آهي.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا قَاتِلُوا الَّذِیۡنَ یَلُوۡنَکُمۡ مِّنَ الۡکُفَّارِ وَ لۡیَجِدُوۡا فِیۡکُمۡ غِلۡظَۃً ؕ
وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ مَعَ الۡمُتَّقِیۡنَ ﴿۱۲۳﴾ (التوبه: ۱۲۳)

(١٢٣) مؤمنؤ! انهن ڪافرن سان جنگ ڪيو جي اوهان جي آسپاس (پکڙيل) آهن ۽ (اهڙي نظم ۽ جوش سان لڙو جو) هو (جنگ ۾) اوهان جي سختي ۽ طاقت ۽ بهادري) محسوس ڪن، (ڇو ته سختيءَ کان سواءِ جنگ جنگ ناهي) ۽ ياد رکو ته، الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي، جيڪي (هر حال ۾) متقي آهن. (يعني خدا جي حڪمن جي بجا آوري ڪندڙ آهن).