عزت ۽ اڪرام جو معيار
(١٣) اي انسانو! مون اوهان کي هڪ ئي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي (تنهن ڪري توهان سڀ هڪ ڪٽنب آهيو ۽ پاڻ کي هڪ ڪٽنب جا ڀاتي سمجهو) ۽ توهان ۾ ذاتيون ۽ قبيلا ٺاهيا اٿس، سو رڳو هن لاءِ ته توهان هڪ ٻئي کي (انهن ذاتين تي) سڃاڻو (نه هن لاءِ ته ڪي ذاتيون ٻين کان عزت ۾ وڌيڪ آهن اوهان ۾ وڌيڪ عزت وارو الله جي نظر ۾ اهو آهي جيڪو اوهان مان تقويٰ ۾ (يعني نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ ۾) سڀني کان وڌيڪ آهي. بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀڪا خبر رکندڙ آهي.