مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

غيرالله کي ڪارساز نه بڻايو

وَ اٰتَیۡنَا مُوۡسَی الۡکِتٰبَ وَ جَعَلۡنٰہُ ہُدًی لِّبَـنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ اَلَّا تَتَّخِذُوۡا
مِنۡ دُوۡنِیۡ وَکِیۡلًا ؕ﴿۲﴾ (بني اسرائيل: ۲)

(٢) ۽ (اهڙيءَ طرح) اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو ۽ ان ڪتاب کي بني اسرائيلن جي لاءِ هدايت جو ذريعو بنايو (۽ حڪم ڏنو) ته مون کان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي پنهنجو ڪارساز نه بنائجو.