الله جي رسيءَ کي مضبوط پڪڙيو
(آل عمران: ۱۰۳)
(١٠٣) ۽ (اي مؤمنؤ!) سڀ ملي هڪ ٿي الله جي رسيءَ کي مضبوط جهليو ۽ جدا جدا نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي اوهان تي اها نعمت ياد رکو جو ڪڏهن ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن هئو، پر (هاڻي) الله تعاليٰ اوهان جون دليون محبت ۾ ڳنڍي ڇڏيون آهن ۽ سندس فضل ۽ ڪرم سان هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي ويا آهيو. توهان جي حالت ته هي هئي جو توهان باهه سان ڀريل اونهيءَ کڏ جي ڪناري تي بيٺا هئو (ذرو به پير ترڪيو ته ڌو باهه ۾). پر الله تعاليٰ توهان کي ان کان بچائي ورتو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون (حڪم ۽ نشانيون) چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته من توهان (سعادت جي) راهه وٺو.