مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

دين تي مضبوطيءَ سان قائم رهڻ

فَاَمَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِاللّٰہِ وَ اعۡتَصَمُوۡا بِہٖ فَسَیُدۡخِلُہُمۡ فِیۡ رَحۡمَۃٍ مِّنۡہُ وَ فَضۡلٍ ۙ
وَّ یَہۡدِیۡہِمۡ اِلَیۡہِ صِرَاطًا مُّسۡتَقِیۡمًا ﴿۱۷۵﴾ؕ (النساء: ۱۷۵)

(١٧٥) پوءِ جن ماڻهن الله تي ايمان آندو ۽ ان جي سهاري کي مضبوط جهليو تن کي هو جلد پنهنجي رحمت جي ڇانو ۾ داخل ڪندو ۽ مٿن پنهنجو فضل ڪندو ۽ کين پاڻ تائين پهچڻ جي واٽ ڏيکاريندو (اها واٽ ڏيکاريندو) جا سڌي واٽ آهي.