عذاب کان نجات ڏياريندڙ تجارت
(١٠) اي ايمان وارو! (جيڪي دنيوي ڪاروبار ۾ مشغول آهيو) ڇا آءٌ اوهان کي اهڙيءَ سوداگريءَ جي خبر ڏيان جا اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟ (١١) الله ۽ سندس رسول تي ڪامل ايمان آڻيو ۽ الله جي رستي ۾ (خدائيءَ نظام قائم ڪرڻ لاءِ) پنهنجن مالن ۽ جانين سان جنگ ڪريو، اهو (سودو) اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. (١٢) (ائين ڪندو ته الله) اوهان جي غلطين کي (هن دنيا ۾ به) معاف ڪندو ۽ (آخرت ۾ به) اوهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا ۽ سٺين جاين ۾ به (داخل ڪندو) جيڪي رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها وڏي ڪاميابي آهي. ان لاءِ جيڪو پاڻ کي لهڻيدار بڻائي. (١٣) ۽ هڪڙي ٻي به ڳالهه (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين (خاص طور تي) پسند ڪريو ٿا (يعني) الله جي طرفان مدد ۽ جلد فتحيابي ۽ ايمان وارن کي (ان جي) خوشخبري ٻڌاءِ.