تهمت جو وبال
وَّ اِثۡمًا مُّبِیۡنًا ﴿۱۱۲﴾٪ (النساء: ۱۱۲)
(١١٢) ۽ جنهن اڻ ڄاڻائي ۾ خطا ڪري وڌي يا ڄاڻي ٻجهي ڪو ڏوهه ڪيو ۽ پوءِ ڪنهن بي ڏوهيءَ تي ان ڏوهه جي تهمت ڌريائين ته (ياد رکو ته) هن بهتان ۽ کليل ڏوهه جو بار پنهنجي گردن تي وڌو.
****
اِنَّ الَّذِیۡنَ جَآءُوۡ بِالۡاِفۡکِ عُصۡبَۃٌ مِّنۡکُمۡ ؕ لَا تَحۡسَبُوۡہُ شَرًّا لَّکُمۡ ؕ بَلۡ ہُوَ خَیۡرٌ لَّکُمۡ ؕ لِکُلِّ امۡرِیًٔ مِّنۡہُمۡ مَّا اکۡتَسَبَ مِنَ الۡاِثۡمِ ۚ وَ الَّذِیۡ تَوَلّٰی کِبۡرَہٗ مِنۡہُمۡ لَہٗ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۱﴾ لَوۡ لَاۤ اِذۡ سَمِعۡتُمُوۡہُ ظَنَّ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بِاَنۡفُسِہِمۡ خَیۡرًا ۙ وَّ قَالُوۡا ہٰذَاۤ اِفۡکٌ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۲﴾ (النور: ۱۲،۱۱)
(١١) جن ماڻهن (حضرت عائشه صديقه تي) تهمت لڳائي سي به بيشڪ توهان مان ئي هڪ ٽولي آهن. توهان ان (تهمت واري واقعي) کي پنهنجي لاءِ خراب نه سمجهيو، بلڪ ان ۾ اوهان جي لاءِ چڱائي آهي. انهن مان هرهڪ شخص جنهن (انهيءَ تهمت پکيڙڻ ۾) حصو ورتو تنهن گناهه جو ڪم ڪيو ۽ انهن مان جنهن (انهيءَ تهمت لڳائڻ ۽ پکيڙڻ ۾) وڏو حصو ورتو تنهن کي تمام وڏو سخت عذاب ٿيندو. (١٢) جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن مؤمن مردن ۽ مؤمن زالن پنهنجي دلين ۾ ڇو نه نيڪ گمان آندو (۽ ڇو بدگمان ٿي هڪڙي خراب تهمت تي کڻي اعتبار ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌايائون) ۽ ڇو نه هڪدم چئي ڏنائون ته، هيءَ ته چٽي چٽي ڪوڙي تهمت آهي.
****
اِنَّ الَّذِیۡنَ یَرۡمُوۡنَ الۡمُحۡصَنٰتِ الۡغٰفِلٰتِ الۡمُؤۡمِنٰتِ لُعِنُوۡا فِی الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃِ ۪
وَ لَہُمۡ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿ۙ۲۳﴾ (النور: ۲۳)
(٢٣) اهي ماڻهو جيڪي ڪن پاڪدامن معصوم ۽ بيخبر مؤمنياڻين تي تهمت لڳائين ٿا تن تي دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت پوندي ۽ انهن کي سخت عذاب ٿيندو.