سواري جي نعمت ۽ دعا
(الزخرف: ۱۳، ۱۴)
(١٣) انهيءَ لاءِ ته توهان انهن جي پٺيءَ تي محڪم ٿي ويهو، ۽ پوءِ جڏهن انهن تي محڪم ٿي ويهو تڏهن پنهنجي پروردگار جو فضل ياد ڪيو ۽ چؤ ته، وڏو شان آهي انهيءَ جو جنهن اسان جي لاءِ هنن کي تابع ڪري ڏنو، ۽ اسان پنهنجي طاقت سان هنن کي هرگز تابع ڪري نه سگهون ها. (١٤) ۽ يقيناً اسان (آخر) پنهنجي پرودگار ڏي موٽڻا آهيون.