مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

فحاشي، گناهه، ناحق زيادتي ۽ شرڪ کان منع

قُلۡ اِنَّمَا حَرَّمَ رَبِّیَ الۡفَوَاحِشَ مَا ظَہَرَ مِنۡہَا وَ مَا بَطَنَ وَ الۡاِثۡمَ وَ الۡبَغۡیَ
بِغَیۡرِ الۡحَقِّ وَ اَنۡ تُشۡرِکُوۡا بِاللّٰہِ مَا لَمۡ یُنَزِّلۡ بِہٖ سُلۡطٰنًا وَّ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا عَلَی اللّٰہِ
مَا لَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۳۳﴾ (الاعراف: ۳۳)

(٣٣) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته منهنجي پروردگار ته بي حيائيءَ جون ڳالهيون ۽ ڪم حرام ڪيا آهن، پوءِ اهي ظاهر هجن توڙي لڪل هجن ۽ پڻ گناهه جا ڪم ۽ زيادتي وارا ڪم جي حق ۽ انصاف جي خلاف هجن (حرام ڪيا اٿس ۽ هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس ته) اوهان الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو جنهن لاءِ ڪابه سند نازل ڪانه ڪئي اٿس ۽ (هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس جو) خدا تي اهڙيون (ڪوڙيون) ڳالهيون مڙهيو جن بابت توهان کي ڪوبه علم ڪونهي.