مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

محرم رشتا، جن کان پردو فرض نه آهي

لَا جُنَاحَ عَلَیۡہِنَّ فِیۡۤ اٰبَآئِہِنَّ وَ لَاۤ اَبۡنَآئِہِنَّ وَ لَاۤ اِخۡوَانِہِنَّ وَ لَاۤ اَبۡنَآءِ اِخۡوَانِہِنَّ وَ لَاۤ اَبۡنَآءِ اَخَوٰتِہِنَّ وَ لَا نِسَآئِہِنَّ وَ لَا مَا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُہُنَّ ۚ وَ اتَّقِیۡنَ اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ کَانَ عَلٰی کُلِّ شَیۡءٍ شَہِیۡدًا ﴿۵۵﴾ (الاحزاب: ۵۵)

(٥٥) انهن (حضرت جن جي حرمن مبارڪن) تي ڪو ڏوهه ڪونهي جيڪڏهن هو پنهنجي پيئرن، پٽن، ڀائرن، ڀائٽين، ڀاڻيجن، پنهنجي (يعني مؤمن) عورتن ۽ پنهنجي ٻانهن ۽ ٻانهين سان (بنا پردي جي ڳالهائين.) (اي امهات المؤمنين) الله تعاليٰ کان ڊڄنديون رهو (توهان تي وڏيون جوابداريون آهن، توهان کي خاص طرح ٻين عورتن کان وڌيڪ پرهيزگار رهڻو آهي ۽ ٻين لاءِ مثال ٿيڻو آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي (۽ اوهان جي پرهيزگاري ۽ پاڪائي جي ڪري اوهان کي ٻيڻو اجر ڏيندو).