صبر کي هٿان نه ڇڏيو
(٦٠) سو (اي پيغمبر!) تون (انهن ماڻهن جو ڪجهه به خيال نه ڪر ۽ پنهنجي تبليغ جي ڪم ۾) ثابت قدم رهه ۽ يقين ڄاڻ ته الله جو واعدو سچو آهي (ته هو ضرور مؤمنن کي غالب ڪندو) ۽ اهي ماڻهو جن کي علم ۽ يقين ڪونهي تن جي ڪري تون مايوس نه ٿي (۽ ڪوشش ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪر.)
****
لَتُبۡلَوُنَّ فِیۡۤ اَمۡوَالِکُمۡ وَ اَنۡفُسِکُمۡ ۟ وَ لَتَسۡمَعُنَّ مِنَ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡکِتٰبَ
مِنۡ قَبۡلِکُمۡ وَ مِنَ الَّذِیۡنَ اَشۡرَکُوۡۤا اَذًی کَثِیۡرًا ؕ وَ اِنۡ تَصۡبِرُوۡا وَ تَتَّقُوۡا فَاِنَّ
ذٰلِکَ مِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿۱۸۶﴾ (آل عمران: ۱۸۶)
(١٨٦) يقيناً توهان پنهنجي مال ملڪيت ۽ جانين جي باري ۾ آزمائش ۾ وڌا ويندو ۽ يقيناً اهل ڪتاب ۽ عرب مشرڪن کان گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌندؤ جي ٻڌي توهان کي ڏک ٿيندو. پر جيڪڏهن توهان صبر اختيار ڪندؤ (۽ مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ به حق جي راهه تي ثابت قدم رهندؤ) ۽ تقويٰ کي نه ڇڏيندؤ (يعني حق جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان بچندؤ) ته پوءِ بيشڪ وڏن اهم ڪمن ۾ هيءَ وڏي عزم ۽ همت جي ڳالهه ٿيندي.