مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪافرن ۽ منافقن جي ڳالهين ۾ نه ڦاسو

یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ اتَّقِ اللّٰہَ وَ لَا تُطِعِ الۡکٰفِرِیۡنَ وَ الۡمُنٰفِقِیۡنَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ کَانَ عَلِیۡمًا حَکِیۡمًا ۙ﴿۱﴾
(الاحزاب: ۱)

(١) اي نبي! تون فقط خدا کان ڊڄ، (ڪافرن ۽ منافقن کان بلڪل نه ڊڄ.) ۽ ڪافرن ۽ منافقين جي (غلط) ڳالهين تي نه لڳ (تون الله جي ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪندو رهه، ڇو ته) يقيناً الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (تنهن ڪري سندس ئي حڪمن تي هلڻ ۾ چڱائي آهي).
****

وَ لَا تُطِعِ الۡکٰفِرِیۡنَ وَ الۡمُنٰفِقِیۡنَ وَ دَعۡ اَذٰىہُمۡ وَ تَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ ؕ وَ کَفٰی
بِاللّٰہِ وَکِیۡلًا ﴿۴۸﴾ (الاحزاب: ۴۸)

(٤٨) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڪافرن ۽ منافقن جي (بيجا خواهشن ۽ چوڻ تي) نه لڳ، ۽ اهي جيڪي تڪليفون توکي ڏين ٿا تن جو خيال ئي نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک ۽ الله ئي ڪافي ڪارساز آهي.