مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

صبر ڪيو ۽ ثابت قدم رهو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اصۡبِرُوۡا وَ صَابِرُوۡا وَ رَابِطُوۡا ۟ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ لَعَلَّکُمۡ تُفۡلِحُوۡنَ ﴿۲۰۰﴾٪
(آل عمران: ۲۰۰)

(٢٠٠) اي ايمان وارؤ! (جيڪڏهن ڪاميابي چاهو ٿا ته هنن سڀني ڳالهين جو جوهر هي آهي ته) صبر ڪيو، هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي ترغيب ڏيو، هڪ ٻئي سان ڳنڍجي هڪ ٿي وڃو ۽ (هر حال ۾) خدا کان ڊڄندا رهو ته (پنهنجي مقصد ۾) ڪامياب ٿيو.
****

وَ مَاۤ اَرۡسَلۡنَا قَبۡلَکَ مِنَ الۡمُرۡسَلِیۡنَ اِلَّاۤ اِنَّہُمۡ لَیَاۡکُلُوۡنَ الطَّعَامَ وَ یَمۡشُوۡنَ فِی الۡاَسۡوَاقِ ؕ وَ جَعَلۡنَا بَعۡضَکُمۡ لِبَعۡضٍ فِتۡنَۃً ؕ اَتَصۡبِرُوۡنَ ۚ وَ کَانَ رَبُّکَ بَصِیۡرًا ﴿٪۲۰﴾
(الفرقان: ۲۰)

(٢٠) ۽ اسان (اي پيغمبر!) توکان اڳي جيڪي به پيغمبر موڪليا هئا سي سڀ (تو وانگر) ماني کائيندا هئا ۽ رستن سان گهمندا ڦرندا هئا ۽ اسان توهان (انسانن) کي هڪ ٻئي جي لاءِ آزمائش بنايو آهي (انهيءَ لاءِ ته ڏسون) ته توهان صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو ٿا يا نه! ۽ (ياد رکو ته) اوهان جو پروردگار سڀ ڪجهه ڏسندڙ آهي.