مردن ۽ عورتن جي درجي بندي
(٣٤) مرد عورتن (جي گذران ۽ حفاظت) لاءِ بندوبست ڪرڻ وارا آهن، هن ڪري جو الله تعاليٰ ڪن کي ڪن کان (ڪن ڳالهين ۾ مثلاً طاقت ۾) بهتر ڪيو آهي ۽ پڻ هن ڪري جو مرد پنهنجو مال (عورتن تي) خرچ ڪن ٿا. پوءِ جيڪي عورتون نيڪ آهن، سي (الله جون) فرمانبردار رهن ٿيون ۽ جيئن الله تعاليٰ کين حفاظت ۾ رکيو آهي، تيئن پاڻ به (ظاهر توڙي باطن ۾) غيب ۾ به (خدائي قانونن جي) حفاظت ڪنديون رهن ٿيون. ۽ جن زالن کان توهان کي بغاوت جو انديشو هجي تن کي (پهريائين نرمي ۽ محبت سان) سمجهايو پوءِ کين خواب گاهه ۾ پاڻ کان الڳ رکو (پوءِ به نه مڃن ۽کين (ڪجهه قدر) بدني سزا به ڏيو. پوءِ جيڪڏهن توهان جو چوڻ مڃن ته (سختي بند ڪيو) ۽ ائين نه ڪيو جو (مٿن الزام رکڻ لاءِ) واٽون ۽ حيلا بهانا ڳوليو. ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀني کان اعليٰ ۽ سڀني کان وڏو آهي.